ڪراچي ۾ ماسڪ مهانگا وڪرو ڪندڙ دڪاندار رينجرز هٿان سوگهو

ڪراچي ۾ رينجرز ڪار شوروم تي ڇاپو هڻي وڏي انگ ۾ ماسڪ هٿ ڪري  هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، رينجرز موجب جوابدار ماسڪ مهانگي اگهه تي وڪرو ڪري رهيو هو.

رينجرز واٽر پمپ  واري علائقي ڪار جي شوروم تي ڇاپو هڻي 74 هزار ماسڪ ۽ ڊرپ هٿ ڪري ورتا.

رينجرز ڪارروائي دوران عثمان نالي هڪ جوابدار  کي گرفتار ڪري ورتو .

رينجرز ترجمان موجب جوابدار ماسڪ مهانگي اگهه تي وڪرو ڪري رهيو هو.

رينجرز گرفتار ڪيل جوابدار کي حد جي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*