ڪي ٽي اين نيوز جي خبر تي ايڪشن, ٺٽي ۾ 12 سالن جي نينگري سان زبردستي 60ورهين جو نڪاح ڪندڙ شخص گرفتار

ٺٽي ۾ نينگريءَ سان اڌڙوٽ شخص پاران نڪاح ڪرڻ واري خبر ڪي ٽي اين نيوز تان نشر ٿيڻ بعد پوليس حرڪت ۾ اچي گهوٽ کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

مڪلي پوليس چائلڊ پروٽيڪشن آفيسر خدا بخش بهراڻي سان گڏ ڪنڀار پاڙي ۾ ڇاپو هنيو.

پوليس موجب ڪارروائي دوران 12 ورهين جي نينگري کي حفاظتي تحويل ۾ ورتو آهي.

پوليس موجب نينگري سان نڪاح ڪندڙ 60 ورهين جي زين العابدين لاشاري کي گرفتار ڪيو آهي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*