سنڌ جي ٻهراڙي ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد کان به وڌيڪ خراب صورتحال آهي: مصطفيٰ ڪمال

پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته  30 سالن کان ڪراچي سان ظلم ٿي رهيو آهي، غدار اهو آهي جنهن 10 هزار  ماڻهو قتل ڪرايا،مهاجرن جي نالي تي سياست ڪندڙ لنڊن ۾ ويهي مودي کان پناهه گهري رهيو آهي.

ڪراچي ۾ عورتن جي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته  پ پ سنڌين جي ۽ ايم ڪيو ايم مهاجرن جون نمائنده پارٽيون نه آهن، سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد کان بدتر صورتحال آهي.

مصطفيٰ ڪمال چيو ته پ پ مقامي ماڻهن بدران ٻاهرين ماڻهن کي پئسن تي نوڪريون ڏئي رهي آهي.

 پي ايس پي سربراهه چيو ته مخالف اهڙو جلسو ڪري ڏيکارين،سياست ڇڏي ڏيندس.

هن چيو ته غدار اهو آهي جنهن عمران فاروق، عظيم طارق ۽ 10 هزار ڪارڪن قتل ڪرايا، اهو هاڻي لنڊن مان مودي کي پناهه ڏيڻ جي اپيل ڪري رهيو آهي.

 مصطفي ٰ ڪمال چيو ته اهڙي وزارت نه گهرجي جنهن سان مائرن  جون جهوليون خالي ٿين.

هن چيو ته پ پ وارن سنڌ وارن کي ڪجهه به ناهي ڏنو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*