چين ۾ ڪرونا وائرس سبب وڌيڪ 35 جانيون ضايع ٿي ويون

چين ۾ ڪرونا وائرس سبب وڌيڪ 35 جانيون ضايع ٿي ويون، جنهن کانپوءِ فوتين جو تعداد وڌي ٻه هزار 870 ٿي ويو آهي، ايران ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 11 ڄڻا فوت ٿيڻ بعد فوتين جو انگ 54 ٿي ويو آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب چين ۾ خطرناڪ وائرس جا وڌيڪ 433 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جنهن بعد مجموعي طور تي متاثرن جو انگ 79 هزار 257 ٿي ويو.

ڪرونا وائرس چين ۾ وڌيڪ 47 زندگيون ڳڙڪائي ويو آهي، جنهن بعد فوتين جو تعداد وڌي ٻه هزار 835 ٿي ويو آهي.

رپورٽ مطابق  چين ۾ هينئر تائين متاثر شهرين مان  39 هزار 301 شهري صحتياب ٿي چڪا آهن،جڏهن ته 37 هزار 121 علاج هيٺ آهن ۽ ستن هزارن کان وڌيڪ مريضن جي ڳڻتي جوڳي حالت آهي.

ايران ۾ ڪرونا وائرس وگهي اڄ وڌيڪ 11 ڄڻا فوت ٿي ويا، وائرس وگهي فوت ٿيلن جو انگ 54 ٿي ويو آهي.

ايران ۾ ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 385 ڪيس ظاهر ٿيا آهن.

ڪرونا وائرس سموري دنيا لاءِ خطرو بڻجي سامهون آيو آهي، 24 ڪلاڪن اندر وڌيڪ 9 ملڪن ۾ پهتل ڪرونا وائرس 60 ملڪن تائين پکڙجي چڪو آهي.

صحت جي عالمي اداري به 2 هزار 917 حياتيون ڳڙڪائيندڙ وائرس کي وڏو خطرو قرار ڏيندي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي آهي.

واضح رهي ته پاڪستان ۾ به وڌيڪ ٻن ماڻهن کي ڪرونا وائرس هجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، جنهن بعد مجموعي شهرين جو تعداد چار ٿي ويو آهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*