سنڌ سرڪار ڪرونا وائرس جي خدشي سبب تعليمي ادارن جون موڪلون 13 مارچ تائين وڌائڻ جو فيصلو

سنڌ سرڪار ڪرونا وائرس جي خدشي سبب تعليمي ادارن جون موڪلون 13 مارچ تائين وڌائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ڊي جي پرائيويٽ انسٽيٽيوشنز  ڊاڪٽر منسوب صديقي موجب سمورا پرائيويٽ اسڪولز سنڌ حڪومت جي حڪم جا پابندآهن، حڪم نه مڃيندڙ اسڪولن جي رجسٽريشن رد ڪئي ويندي.

سمورن سرڪاري ۽ نجي تعليمي ادارن ۾ موڪلن جو فيصلو وزيراعليٰ هائوس ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڪيو ويو.

وڏي وزير جي ترجمان موجب ڪرونا وائرس جي خدشي سبب وڏي وزير 13 مارچ تائين تعليمي ادارا بند رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، 14 مارچ تي ڇنچر هئڻ سبب ادارا 16 مارچ تي کلندا.

وڏي وزير جي ترجمان موجب ايران مان تافتان ۾ 13هزار 98 ۽ ڪراچي ۾ 738 ماڻهو اچي چڪا آهن، جن جي تشخيص ڪرڻي آهي.

وڏي وزير موجب ايران کان واپس آيل ماڻهو پنهنجي ٻارن سان ملي چڪا آهن،انهن جي تشخيص ڪرڻي آهي، جنهن سبب تعليمي ادارا بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

وڏي وزير موجب 13 مارچ تائين سمورا تعليمي ادارا  بند هئڻ سان جيڪو آئسوليشن جو مدو آهي اهو به پورو ٿي ويندو.

يونيورسٽيز ۽ بورڊز واري کاتي يونيورسٽيز ۾ موڪلن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

ڊي جي پرائيويٽ انسٽيٽيوشنز ڊاڪٽر منسوب صديقي موجب سمورا پرائيويٽ اسڪولز سنڌ حڪومت جي حڪم جا پابندآهن، حڪم نه مڃيندڙ اسڪولن جي رجسٽريشن رد ڪئي ويندي.

ڊي جي پرائيويٽ انسٽيٽيوشنز  موجب  فيصلو سمورن اسڪولن تي لاڳو هوندو،ڪوبه نجي اسڪول استادن کي نه سڏائي.

ڊاڪٽر منصوب صديقي موجب  وڏي وزير جا حڪم نه مڃيندڙ نجي اسڪولن جي رجسٽريشن رد ڪئي ويندي.

ان کان اڳ سنڌ حڪومت 27کان 29 فيبروري تائين موڪلون ڪيون هيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*