وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نون منصوبن سان روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نون منصوبن سان روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا، اسلام آباد بلو ايريا ۾ اربين رپين جي تجارتي منصوبن جو آغاز ڪيو ويو آهي.

اسلام آباد جي نيو بليو ايريا ۾ ايف نائين پارڪ جي دوري دوران ڳالهائيندي عمران خان چيو ته اسلام آباد ۾ نئون ڪمرشل شهر ٺاهڻ جي منصوبابندي مڪمل ڪئي وئي آهي.

هن چيو ته منصوبي لاءِ 170 ڪئنال ايراضي رکي وئي آهي، جلد لاهور ۽ ڪراچي ۾ به ميگا پراجيڪٽس شروع ڪيا ويندا.

سندس چوڻ هو ته وفاقي ادارو اپريل جي پهرين هفتي ۾ ڪمرشل جي نيلامي ڪندو، نيلامي ۾ حصو وٺندڙ ماڻهن کي سهولتون ڏنيون وينديون.

عمران خان چيو ته منصوبي سان ابتدائي طور تي حڪومت کي 25 کان 30 ارب رپيا ملندا، آمدني مان ڪجهه حصو نئون پاڪستان هائوسنگ پراجيڪٽ تي استعمال ڪيو ويندو.

وزيراعظم عمران خان چيو ته منصوبن سان پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي به سيڙپڪاري جو موقعو ملندو…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*