سمورا ملڪ ڪرونا وائرس جي مريضن لاءِ وينٽيليٽر تيار رکن: صحت جي عالمي اداري الرٽ جاري ڪري ڇڏيو

چين سميت سموري دنيا ۾ ڪرونا وائرس سبب وڌيڪ 44 شهري فوت ٿي ويا،فوتين جو تعداد وڌي 3 هزار 53 ٿي ويو

ميڊيا رپورٽس مطابق هڪ طرف ڪرونا وائرس سبب فوتين جي انگ ۾واڌ ٿي رهي آهي، ته ٻئي پاسي وڏي انگ ۾ متاثرن جو اعلاج به ڪيو ويو آهي.

رپورٽس مطابق متاثرن جو تعداد 89 هزار 75 ٿي ويو، جڏهن ته 45 هزارن کان وڌيڪ مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.

صحت جي عالمي اداري پاران جاري ڪيل الرٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪرونا وائرس  کان متاثر سمورا ملڪ آڪسيجن سسٽم کي يقيني بڻائين ۽ وينٽيليٽر تيار رکن.

رپورٽ مطابق ڪرونا وائرس کي آڪسيجن ٿراپي ذريعي منهن ڏئي سگهجي ٿو.

ڊبليو ايڇ او جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڪرونا وائرس سبب 60 ورهين کان وڌيڪ شهري متاثر ٿيا آهن.

وائرس سبب موت جي شرح 2 کان 5 سيڪڙو آهي ۽ 41 هزار 625 ماڻهو صحتياب ٿي چڪا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*