ننگرپارڪر ۾ 3 ڏينهن اڳ پرڻايل ڪنوار مبينا گهٽا ڏنل لاش مائٽن جي گهر مان هٿ

ننگر پارڪر  ۾ 3 ڏينهن اڳ پرڻايل ڪنوار جو مبينا گُهٽا ڏنل لاش مائٽن جي گهر مان هٿ ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته ناري کي سندس چاھيندڙ رات جو گھر ۾ داخل ٿي گھٽا ڏئي قتل ڪيو، الزام هيٺ آيل نوجوان جو چوڻ آهي ته ناري جي زور ڀرڻ تي کيس گهٽا ڏنا، ناري جو موت ٿيڻ بعد پاڻ به ڦاهو کاڌو، پر وارثن بچائي ورتو.

ڪولهي پاڙي ۾ ناري جنو جو لاش مائٽن جي گهر مان هٿ ڪيو ويو، اطلاع تي پوليس پهچي ناري جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتي لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

پوليس موجب ناري کي سندس چاھيندڙ پرتاب ڪولھي رات دير سان گھر ۾ داخل ٿي گھٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو.

پوليس وٽ پيش ٿيل جوابدار پرتاب ڪولهي جو چوڻ آهي ته هن جنو کي قتل نه ڪيو آهي، 4 سالن کان هڪٻئي سان پيار ڪندا هئاسين، جنو پاڻ منهنجا هٿ پنهنجي ڳچي ۾ وجهي گهٽا ڏيڻ لاءِ زور ڀريو.

 پوليس موجب جوابدار شروعاتي بيان ۾ چيو آهي ته هن پاڻ به ڦاهو کائي آپگهات جي ڪوشش ڪئي، پر کيس ڀاءُ بچائي ورتو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*