نوابشاهه ويجهو پيءُ جي تشدد کان تنگ 10 ورهين جي نينگري مٺياڻي پهچي وئي

نوابشاهه ويجهو پيءُ جي تشدد کان تنگ ٿي گهران نڪتل 10 ورهين جي نينگريءَ مٺياڻي  پهچي وئي، نينگريءَ جو چوڻ آهي ته  سندس پيءُ ويڳي ماءُ جي چوڻ تي تشدد ڪري ٿو، هاڻ هو گهر نه ويندي.

مٺياڻي شهر ۾ 10 ورهين جي نينگري کي زارو قطار روئندي ڏسي شهري علائقي جي هڪ زميندار وٽ وٺي ويا، جتي نينگري جو چوڻ هو ته سندس نالو علينا آهي ۽ هو ڳوٺ خير شاھ  جي رهواسڻ آهي، پيءُ حفيظ سولنگي ويڳي ماءُ جي چوڻ تي تشدد ڪري ٿو، جنهن جي ڪري هو گهران نڪري آئي آهي، هاڻ هو گهر نه ويندي.

 نينگريءَ علينا کي علائقي جي زميندار  واحد بخش مستوئي  وٽ وٺي ويا، جتي هن کي پناهه ڏني وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*