وفاقي حڪومت فيبروري مهيني ۾ مهانگائي ۾ جوڳي گهٽتائي جي دعويٰ ڪري ڇڏي

وفاقي شماريات کاتي ملڪ ۾ مهانگائي جي حوالي سان نوان انگ اکر جاري ڪندي فيبروري دوران مهانگائي ۾ گهٽتائي جي دعوا ڪري ڇڏي

جاري ڪيل پڌرائي ۾ وفاقي حڪومت هڪ مهيني دوران مهانگائي ۾ جوڳي گهٽتائي جي دعوا ڪئي آهي.

پڌرائي موجوب شماريات کاتي مهانگائي بابت رپورٽ وزير اعظم کي پيش ڪري ڇڏي آهي.

شماريات کاتي جو چوڻ آهي ته فيبروري مهيني ۾ مهانگائي جي رفتار  12 ڏهائي 4 سيڪڙو ٿي وئي.

رپورٽ مطابق شهري علائقن ۾ مهانگائي 13 ڏهائي 4 کان گهٽجي 11 ڏهائي 2 سيڪڙو ٿي وئي.جڏهن ته ٻهراڙين ۾ مهانگائي جي رفتار  14 ڏهائي 2 سيڪڙي تائين گهٽجي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*