مسلمانن جي قتل عام هندستان جي ورهاڱي جو بنياد رکي ڇڏيو: فردوس عاشق اعواڻ

سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته دهلي ۾ مسلمانن جي قتل عام هندستان جي ورهاڱي جو بنياد رکي ڇڏيو آهي

سوشل ميڊيا تي ٽويٽ ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته هندو جنوني پاڳل جٿن بي گناهه شهرين جو خون وهائي ٻه قومي نظرئي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

هن چيو ته قائد اعظم جي نظرئي جي سچائي جي شاهدي هر بي گناهه ڀارتي مسلمان جو خون ڏئي رهيو آهي.

فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڀارت ۾ رهندڙ اقليتن کي واضح طور تي پيغام ڏنو ويو آهي ته انهن جي جان ۽ مال محفوظ ناهن.

هن چيو ته ڀارت ۾ مسلمانن تي ظلم ڪا نئين ڳالهه ناهي،مودي جي دور ۾ هندو انتهاپسندي انتها تي پهچي چڪي آهي.

هن چيو ته مودي جو فسطائي نظريو، ڀارت جي بانين  جي فلسفي تي ڪارو داغ آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*