ڪراچي ۾ اسڪولز بند ڪرڻ واري حڪم تي عمل نه ڪندڙ اسڪولز جي رجسٽريشن معطل

سنڌ حڪومت جي ڪورونا وائرس جي خدشي سبب اسڪول بند ڪرڻ واري حڪم تي عمل نه ڪندڙ پرائيويٽ اسڪولز خلاف ڪارروايون جاري آهن، رجسٽرار پرائيويٽ اسڪولز ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڇاپا هڻي کليل 20 اسڪولن جي رجسٽريشن معطل ڪري ڇڏي، ٻن ڏينهن دوران 50 اسڪولز جي رجسٽريشن معطل ڪئي وئي آهي.

سنڌ حڪومت جي اسڪول بند ڪرڻ واري حڪم تي عمل نه ڪندڙ پرائيويٽ اسڪولز خلاف ڪارروايون جاري آهن.

رجسٽرار پرائيويٽ اسڪولز ڪراچي جي صدر ۽ ٻين علائقن ۾ ڇاپا هڻي کليل 20 اسڪولن جي رجسٽريشن معطل ڪري ڇڏي.

صدر ۾ پرائيويٽ اسڪول خلاف ڪارروائي دوران اسڪول جي پرنسپال رجسٽرار کي اُڳرا نيتجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون.

ٻن ڏينهن دوران سنڌ حڪومت جي حڪمن تي عمل نه ڪندڙ 50 کان وڌيڪ اسڪولن جي رجسٽريشن معطل ڪئي وئي آهي.

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*