ڪورونا وائرس سموري دنيا ۾ حياتيون ڳڙڪائڻ لڳو

چين ۾ ڪرونا وائرس وڌيڪ 42 حياتيون کسي ورتيون، فوتين جو انگ 31سو 19 ٿي ويو

ڪرونا وائرس جون سموري دنيا ۾ تباهيون جاري آهن

دنيا جي  76 ملڪن ۾ مريضن جو تعداد وڌي  90 هزار 443 ٿي ويو

سعودي عرب، اردن،ايران ۽ تيونس ۾ به ڪرونا جا نوان ڪيس سامهون آيا آهن

رپورٽس مطابق آمريڪا ۾ به ڪرونا وائرس 6 حياتيون ڳڙڪائي ورتيون آهن

پاڪستان ۾ڪرونا وائرس جو پنجون ڪيس سامهون آيو آهي،جڏهن ته  گلگت ۾ 45 ورهين جي عورت ۾ ڪرونا وائرس جي تصديق ٿي وئي آهي.

حڪومت ڪرونا جي خدشي سبب گلگت جا تعليمي ادارا 7 مارچ تائين بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ملڪ جي وڏي ۾ وڏي شهر ڪراچي ۾ ڪرونا جي 12 شڪي مريضن کي ڪليئر قرار ڏنو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*