لاڙڪاڻي ۾ ڪورونا وائرس جي خدشي سبب سرشاهنواز لائبريري بند، شاگردن جو احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ ڪورونا وائرس جي خدشي سبب سرشاهنواز ڀٽو لائبريري بند ڪرڻ خلاف شاگردن پاران ايس پي چوڪ ۽ لائبريري جي گيٽ سامهون احتجاجي ڌار ڌار احتجاجي ڌرڻا هنيا ويا.

احتجاج ڪندڙ شاگردن چيو ته تعليمي ادارن کانپوءِ لائبرريون بند ڪرائي سندن مستقبل تباهه ڪيو پيو وڃي.

شاگردن چيو ته هزارين ماڻهو ڪرڪيٽ ڏسڻ لاءِ اسٽيڊيم ۾ وڃن ٿا جنهن کي حڪومتي سطح تي پروموٽ ڪيو وڃي ٿو پر ملڪ جو مستقبل تباهه ڪرڻ لاءِ بهانا ڳوليا پيا وڃن ٿا.

احتجاج ڪندڙ شاگردن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي تعليمي ادارا ۽ لائبرريون کولي کين امتحان لاءِ تياري ڪرڻ جو موقعو ڏئي پريشاني ختم ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*