اڳوڻي صدر آصف زرداري عورتن جي آزادي مارچ جي حمايت ڪري ڇڏي

اڳوڻي صدر آصف زرداري سموري ملڪ ۾ عورتن جي عالمي ڏهاڙي تي مارچ جي حمايت ڪندي سنڌ حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته سکر ۾ ٿيندڙ مارچ ۾ شريڪ عورتن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

جاري ڪيل بيان ۾ آصف زرداري چيو ته پ پ عورتن جي مارچ جي مڪمل حمايت ڪري ٿي

اڳوڻي صدر چيو ته عورتن کي ڪمزور سمجهندڙن کي شڪست ملندي،اسان شهيد بي بي جي فلسفي تي ثابت قدمي سان بيٺا آهيون

هن چيو ته پيپلز پارٽي  عورتن جي مارچ جي مڪمل حمايت ڪري ٿي ۽ اها عورتن جي حقن جي ضامن آهي

هن محترما بينظير ڀٽو کي ياد ڪندي چيو ته شهيد محترما بينظير ڀٽو جو ڪردار عورتن لاءِ مشعل راه آهي،هن سفاڪ ۽ بي رحم آمريت کي مات ڏني.

آصف زرداري جو پنهنجن نياڻين جي حوالي سان چوڻ هو ته بختاور ۽ آصفا ڀٽو زرداري  عورتن جو آواز ۽ طاقت آهن

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*