ڪرونا وائرس بابت پريشان ناهيان: جمائما ٽويٽ ڪري ڇڏيو

عمران خان جي اڳوڻي گهر واريءَ  جمائما گولڊ اسمٿ چيوآهي ته ڪرونا وائرس  جي شڪ ۾ اسان جي پاڙي مان سموري ڪٽنب کي ميڊيڪل عملو  ايمبولينس ۾ وجهي کڻي ويو.

سوشل ميڊيا تي ڪيل ٽوئيٽ ۾ جمائما جو چوڻ هو ته ڪرونا وائرس بابت هو پاڻ ته پريشان ناهي، پر هن جي پٽ کي ڳڻتي آهي.

هن چيو ته هاڻ سندس پٽ به ان ڳالهه کي مڃي ورتو آهي ته هن ۾ اهڙي ڪابه علامت ناهي.

واضح رهي ته ڪرونا وائرس  سبب انگلينڊ ۾ انتهائي درجي جو الرٽ جاري ڪيو ويو آهي ۽ رستن تي فوج مقرر ڪرڻ جو به امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*