ڪرونا وائرس جي خدشي سبب اجتماعن پابندي باوجود ڪاليج ايجوڪيشن پاران سيمينار جو اعلان

ڪرونا وائرس جي خدشي سبب اجتماعن ۽ رش وارن هنڌن تي وڃڻ کان پرهيز ڪرڻ واري هدايتن باوجود ڪاليج ايجوڪيشن ڪراچي پاران سڀاڻي سيمينار جو اعلان ڪيو ويو آهي.

ڪورونا وائرس جي خدشي سبب جتي اسڪول ۽ لائبرريون بند ڪيون ويون آهن ۽ سرڪار توڙي طبي ماهرن پاران رش وارن هنڌن تي نه وڃڻ جي هدايت به ڪئي وئي آهي پر ڪاليج ايجوڪيشن انتظاميا سڀاڻي سيمينار ڪوٺائي رهي آهي.

ڪاليج ايجوڪيشن انتظاميا آفيسرن ۽ ملازمن کي سيمينار ۾ لازمي شرڪت ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

 

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*