ڪرونا وائرس جا ڪيسز لڪائڻ واري ڳالهه سئو سيڪڙو غلط آهي: ڊاڪٽر ظفر مرزا

صحت بابت خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته ڪرونا وائرس جا ڪيسز لڪائڻ واري ڳالهه سئو سيڪڙو غلط آهي، هر ڪنگهه ۽ زڪام کي ڪرونا وائرس سمجهڻ نه گهرجي.

 راولپنڊي  ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ظفر مرزا چيو ته  ملڪ ۾ ڪرونا ۾ مبتلا پنجن ئي مريضن جي صحت بهتر ٿي رهي آهي.

خاص معاون چيو ته  هن وقت تائين 200 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن جي ٽيسٽ ڪئي وئي آهي، اسان کي ڪنهن به قسم جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار رهڻ گهرجي.

ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته صوبا پنهنجا  فيصلا  پاڻ ڪرڻ ۾ خودمختيار آهن.

هن چيو ته صحت جي شعبي ۾ پاڪستان کي چئلينجز درپيش آهن، صحت جي شعبي ۾ مختلف چئلينجز کي منهن ڏيون پيا،انڪري صحت جي شعبي ۾ سڌارا آڻي رهيا آهيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*