سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ خورشيد شاهه کي آزاد ڪرڻ وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

سنڌ هاءِڪورٽ سکر بينچ، پيپلزپارٽي اڳواڻ خورشيد شاهه کي آزاد ڪرڻ وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، سکر جي احتساب عدالت خورشيد شاهه کي 50 لک رپين جي مچلڪن عيوض آزاد ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو هو.

جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ۽ جسٽس امجد حسين سهتو تي ٻڌل سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ جي ٻه رڪني بينچ خورشيد شاهه کي آزاد ڪرڻ واري فيصلي خلاف نيب جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

خورشيد شاهه جي وڪيل دليل ڏنو ته خورشيد شاهه خلاف ريفرنس داخل ٿي چڪو آهي، هاڻ ڪيس جي اهميت ناهي رهي، جنهنڪري نيب جي درخواست خارج ڪئي وڃي.

نيب پراسيڪيوٽر دليل ڏنو ته نيب پاران خورشيد شاهه خلاف احتساب عدالت سکر ۾ ريفرنس داخل ڪيو ويو هو، جنهنڪري کيس آزاد نٿو ڪري سگهجي، فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

عدالت ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ خورشيد شاهه کي آزاد ڪرڻ وارو سکر احتساب عدالت جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي چيو ته نيب ڪورٽ کي اختيار ناهي ته اها ڪنهن جوابدار کي مچلڪن عيوض آزاد ڪري.

خورشيد شاهه جي ضمانت واري درخواست ۾ وڪيل رضا رباني پاران اعتراض وارڻ کانپوءِ جسٽس ذوالفقار علي سانگي بينچ کان ڌار ٿي ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*