وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ لاڙڪاڻي ۾ ترقياتي رٿائن بابت اجلاس

ڪراچيءَ ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ  اجلاس ۾ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ هلندڙ ترقياتي رٿائن جو جائزو ورتو ويو.

وزير اعليٰ هائوس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب ۾ وزير اعليٰ هائوس ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ  اجلاس ٿيو، جنهن ۾ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ هلندڙ ترقياتي رٿائن بابت بريفنگ ڏني وئي.

  اجلاس ۾ ڊويزن جي پنجن ضلعن لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، شڪارپور، ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۽ قمبر شهداد ڪوٽ  ۾  16.87 ارب رپين جي لاڳت سان هلندڙ 346 اسڪيمن جو جائزو ورتو ويو.

  وڏي وزير چونڊيل نمائندن کي ترقياتي ڪمن کي اونرشپ ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته رٿائن جي معيار ۽ وقت سر پڄاڻي کي يقيني بڻايو وڃي.

 اجلاس ۾ نثار کهڙو، ناصر شاهه، شبير بجاراڻي، چيف سيڪريٽري ممتاز علي شاهه، چيئرمين پلاننگ  اينڊ ڊويلپمينٽ محمد وسيم شرڪت ڪئي….

ڪراچيءَ ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ  لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ هلندڙ ترقياتي رٿائن بابت اجلاس، اجلاس ۾ پنجن ضلعن ۾  16.87 ارب رپين جي لاڳت سان هلندڙ 346 اسڪيمن جو جائزو ورتو ويو،  وڏي وزير چونڊيل نمائندن کي ترقياتي ڪمن کي اونرشپ ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته رٿائن جي معيار ۽ وقت سر پڄاڻي کي يقيني بڻايو وڃي، اجلاس ۾ نثار کهڙو، ناصر شاهه، شبير بجاراڻي، چيف سيڪريٽري ممتاز علي شاهه، چيئرمين پلاننگ  اينڊ ڊويلپمينٽ محمد وسيم شرڪت ڪئي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*