کپرو ۾ ناري مذهب مٽائي پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو

هٿونگو:کپروٿاڻي جي حد ڳوٺ جکرو خان هنڱورجو مان هڪ مهينو اڳ مبينا اغوا ڄاڻايل ناري گنگاڪولهي کي کپرو پوليس هٿ ڪري ورتو آهي ناري کي کپروپوليس سول جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو،جتي ناري بيان ڏيندي چيو آهي ته مون کي ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو.

 ناري عدالت ۾  بيان رڪارڊ ڪرايو ته مون پنهنجي مرضي سان نالي شيولال جوڳي سان گڏجي مسلمان ٿي شادي ڪئي آھي.

 بيان رڪارڊ ڪرائڻ کانپوءِعدالت ناري کي سندس مڙس جي مامي فيضان حوالي ڪيو۽ مڙس کي ٽن ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو.

جڏهن ته هڪ مهينو اڳ ناري جي ماءُ شريمتي ڏيو ڪولهي جي فرياد تي کپرو ٿاڻي تي اغوا جو ڪيس پُڻ داخل ڪرايو ويو هو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*