نوابشاهه ۾ قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ ته 4 ڄڻن کي ڦاهي جي سزا

ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ون شهيد بينظير آباد قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي چئن جوابدارن کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌاڻ کانپوءِ جوابدارن علي گوهر، علي بهار، علي شير ۽ مولا بخش ڏاهري کي ڦاهي ۽ 2 2 لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي.

سٺ ميل ٿاڻي تي داخل ٿيل قتل ڪيس ۾ ٽوٽل 7 جوابدار شامل هئا جن مان  چئن جوابدارن کي عدالت سزا ٻڌائي   جڏهن ته ٽي جوابدار روپوش آهن

سزا مليل ساڳين ئي جوابدارن کي عدالت ٽن آرمس ايڪٽ ڪيسن ۾  پنج پنج سال قيد ۽ ڏهه ڏهه هزار رپيا ڏنڊ جي سزا پڻ ٻڌائي آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*