عورتن جو احترام سڀني جو فرض آهي: سسئي پليجو

پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينيٽر سسئي پليجو چيو آهي ته عورتن جو احترام سڀني تي فرض آهي، سڀني کي عورت مارچ جي ڀرپور نموني حمايت ڪرڻ گهرجي.

سينيٽ اجلاس دوران خيالن جو اظهار ڪندي سسئي پليجو چيو ته ماروي سرمد کي خليل الرحمان جيڪي ٽي وي شو ۾ گٿا لفظ ڳالهايا، اهي رڳو ماروي سرمد نه پر سمورين مائرن، ڀينرن ۽ ڌيئرن ڳالهايا.

هن چيو ته  عورتن جي ڏهاڙي جي حوالي سان سندن پارٽي سڀ کان اڳڀري آهي،  فاطمه جناح، بينظير ڀٽو، نصرت ڀٽو ۽ عاصمه جهانگير جو تاريخي ڪردار وساري نٿو سگهجي.

سسئي پليجو چيو ته سندس ماءُ اختر بلوچ جيل ۾ رهي ۽ ڪتاب به لکيو، عورتن جي عزت ڪرڻ سڀني تي فرض آهي.

هن چيو ته عورتن جي حقن بابت ڳالهائڻ تي ڪجهه ماڻهو مخالفت ڪري رهيا آهن، رياست تي اڳ ئي انتهاپسندي جا الزام آهن، کين عورت مارچ جي ڀرپورنموني حمايت ڪرڻ گهرجي.

هن وڌيڪ چيو ته پاڪ ڪتاب ۾ زندگي گهارڻ جو مڪمل طريقيڪار ٻڌايل آهي، ان تي رڳو عمل ڪيو وڃي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*