صحافي عزيز ميمڻ جي قتل جي جاچ وفاقي ايجنسي کي ڪرڻ گهرجي: فواد چوڌري

وفاقي وزير فواد چوڌري  چيو آهي ته صحافي عزيز ميمڻ جي قتل بابت پهرين ڏينهن  کان مون ۽ شيرين مزاري  اسپيڪر کي درخواست ڪئي ته سنڌ پوليس  جاچ ڪري نٿي سگهي،صحافي عزيز ميمڻ جي قتل جي جاچ وفاقي ايجنسي کي ڪرڻ گهرجي.

سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي فواد چوڌري چيو ته سنڌ پوليس عزيز ميمڻ جي قتل کي طبعي موت قرار ڏنو،جيڪا مذمت جوڳي ڳالهه آهي.

فواد چوڌري چيو ته صحافي عزيز ميمڻ جي ڀاءُ سان ڳالهه ٻولهه ٿي،ان جاچ تي مڪمل طور تي  بي اطميناني ظاهر ڪئي آهي.

هن چيو ته سنڌ حڪومت صحافي جي قتل جي حوالي سان پنهنجي پوزيشن واضح ڪري.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*