بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ برفباري، ٿڌ موٽي آئي

بلوچستان جي گادي واري شهر ڪوئيٽا سميت صوبي جي سمورن شهرن ۾ برفباري جاري آهي،جنهن سبب شهري گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن

 بلوچستان جي زيارت ماٿري سميت  مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ برفباري سبب سفيد چادر وڇائجي وئي آهي

برفباري سبب لڪ پاس، مستونگ، دشت ۽ چمن ۾ برفباري سبب  سردي ۾ اضافو ٿي ويو آهي

زيارت ماٿري ۽ ان جي جابلو علائقن ۾ به برفباري جو سلسلو جاري آهي، گيس جي بندش سبب شهرين کي پريشاني کي منهن ڏيڻو پئجي ويو آهي

سردي ۾ واڌ کانپوءِ  شهرين گرم ڪپڙا پائڻ شروع ڪيا آهن

برفباري سبب مختلف شهرن ڏانهن ويندڙ گاڏين جي آمدرفت به متاثر  ٿي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*