سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڳڙي سان برسات، ٿڌ موٽي آئي

سنڌ جي مختلف علائقن ۾گذريل رات کان شروع ٿيل برسات جو  سلسلو جاري آهي، ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات کانپوءِ ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي غائب ٿي وئي آهي.

 بدين جي ساحلي علائقن ۾ تيز هوائن سان وسڪارو جاري آهي،  پنگريو، سيراڻي، ڀڳڙا ميمڻ، احمد راڄو، کوسڪي ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ وسڪاري کانپوءِ موسم وڻندڙ ٿي وئي.

 جاتي شھر ڀرپاسي جي علائقن ۾ بھار جي پھرين برسات جو زردار وسڪارو ٿيڻ سان موسم خوشگورا ٿي وئي ۽ ھيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيھجي ويو.

ٺاروشاھ، مٺي، پير ڳوٺ ۾ ڦڙ ڦڙ پئي، بخشاپور، ڪنڌ ڪوٽ ڪشمور،گڊو، غوثپور۽ ٻين علائقن ۾ زور دار وسڪاري کانپوءِ ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*