حيدرآباد پوليس حالي روڊ تي ڪارروائي ڪري 5 ڏهارين کي گرفتار

حيدرآباد پوليس حالي روڊ تي ڪارروائي ڪري 5 ڏهارين کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

ڳجهي اطلاع تي پوليس حالي روڊ تي شڪي گاڏين جي تلاشي دوران موٽر سائيڪلن تي سوار 5 مبينا ڏوهارين کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 2 پسٽل ۽ هڪ پستول هٿ ڪيا آهن.

پوليس موجب، ڏوهاري ڦر جي ارادي سان گهمي رهيا هئا  ته کين گرفتار ڪيو، جوابدارن ۾ شهزاد، شاهنواز ، محمد اڪبر، محمد يوسف ۽ مريد شامل آهن.

پوليس موجب، جاچ دوران جوابدارن سنڌ جي مختلف شهرن ۾ وارداتون ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*