ڪي ٽي اين نيوز جي رپورٽر شهيد عزيز ميمڻ  جي ڪيس کي لوڙهڻ جي ڪوشش

ڪي ٽي اين نيوز جي رپورٽر شهيد عزيز ميمڻ  جي ڪيس کي لوڙهڻ جي ڪوشش خلاف سنڌ ۾ صحافي هڪ ڀيرو ٻيهر سراپا احتجاج بڻجي ويا آهن، مختلف شهرن ۾ صحافين ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي مظاهرا ڪيا، سندن چوڻ آهي ته شهيد عزيز ميمڻ جي پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کان اڳ پوليس طرفان قتل کي طبي موت قرار ڏيڻ خون کي لوڙهڻ برابر آهي.

نوشهروفيروز ۾ صحافين يونس راڄپر، قاضي ذوالفقار، زاهد راڄپر، مشتاق مري، مظفر عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

جيڪب آباد ۾ ڊسٽرڪٽ يونين آف جرنلسٽس جي سڏ تي ٺل، ڳڙهي خيرو، دوداپور، سلطان ڪوٽ، ميان صاحب ۽ مباڪپور جي صحافين پريس ڪلب جيڪب آباد کان احتجاجي ريلي ڪڍي ڊي سي چوڪ تي ڌرڻو هنيو.

هنڱورجا ۾ به صحافي اتحاد خيرپور جي سڏ تي غلام حسين چانگ، جمال محمود کهڙو، ياسين راڄپر، خيرمحمد عامر، بچل هنڱورو ۽ جي اڳواڻي ۾ سوين صحافين قومي شاهراھ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.

ڌرڻي ۾ ضلعي جي مختلف شهرن پيروسڻ، هالاڻي، سوڀوديرو، سڳيون، راڻي پور، سيٺارجا، سئي گيس سميت ٻين شهرن جي صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ٻين شهرن جيان ناري ۾ به شھيد عزيز ميمڻ جاقاتل گرفتار نه ٿيڻ ۽ پوليس پاران خون لوڙھڻ جي ڪوششن خلاف صحافين احتجاج ڪيو، جڏهن ته ڪنڊيارو، محرابپور، محبت ديرو، ڪمال ديرو، خانواھڻ ۾ به قلم ڌڻين طرفان مظاهرا ڪيا ويا.

ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب آڏو قلم ڌڻين ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙ صحافين جو چوڻ هو ته جيڪڏهن شهيد صحافي عزيز ميمڻ جي قتل جي عدالتي ڪميشن جوڙي قاتلن کي پڌرو نه ڪيو ويو ته احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

سندن چوڻ هو ته پوليس شهيد صحافي جي موت کي طبي موت قرار ڏئي خون لوڙهڻ چاهي ٿي پر هو ڪنهن به ريت صحافي جو خون ضايع ٿيڻ نه ڏيندا………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*