سکر ۾ 8 مارچ تي اعلانيل عورت آزادي مارچ جي حمايت ۾ مختلف تنظيمن پاران ريلي

سکر ۾ 8 مارچ تي اعلانيل عورت آزادي مارچ جي حمايت ۾ مختلف تنظيمن پاران ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ عورتن جي اظهار جي آزادي ۽ مختلف مسئلن جي حل لاءِ نعريبازي به ڪئي وئي. ريلي ۾ سول سوسائٽي، وڪيل ۽ ٻين عورت تنظيمن جي ميمبرز به شرڪت ڪئي.

عورت مارچ جي حمايت ۾ امر سنڌو، عاليا بخشل، هادي بٽ، ديدار ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گهنٽا گهر وٽان نڪتل ريلي شهر جي مختلف علائقن مان ٿيندي پريس ڪلب پهتي، جتي اڳواڻن خطاب ڪيو. ريلي ۾ شريڪ ماڻهن پاران شهرين ۾ پمفليٽ به ورهايا ويا ۽ کين عورت مارچ ۾ شرڪت جي اپيل ڪئي وئي.

امر سنڌو ۽ ٻين پريس ڪلب آڏو ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته عورتون 8 مارچ تي رٿيل مارچ ۾ پنهنجي ڀرپور شرڪت يقيني بڻائين………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*