مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته “ميرا جسم ميري مرضي” واري ڳالهه ڪرڻ فحاشي ۽ لادينيت آهي

جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته “ميرا جسم ميري مرضي” واري ڳالهه ڪرڻ فحاشي ۽ لادينيت آهي، پاڪستان جي تهذيب کي اوڀر جي تهذيب ۾ تبديل ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.

ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عورت مارچ بابت هڪ سوال ڪندي فضل الرحمان چيو ته عورت مارچ ڪنهن جي لاءِ آهي؟ ڇا هي عورتن جي حقن ۽ ملڪيت جي وراثت بابت آهي.

فضل الرحمان چيو ته دين اسلام ۾ به عورتن کي وڏو رتبو ڏنو ويو آهي، هڪ سيڪڙو ماڻهو بي نقاب ٿي رهيا آهن جيڪي پاڪستاني معاشري جو حصو نه آهن.

 هن چيو ته دنيا جي تهذيبن ۾ وڏي عرصي کان ڪشمڪش هلي رهي آهي.

جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته اولهه، اوڀر ۽ اسلامي تهذيبن جون پنهنجون پنهنجون روايتون آهن، اسان پنهنجي تهذيب تي ئي هلنداسين…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*