ايم ڪيو ايم ۽ نون ليگ جي ملاقات سان حڪومت کي ڪو به خطرو ناهي: وزيراعظم عمران خان

وزيراعطم عمران خان چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ نون ليگ اڳواڻن جي ملاقات سان حڪومت کي ڪو به خطرو نه آهي، ايم ڪيو ايم حڪومت جي اتحادي آهي.

اسلام آباد ۾ پارٽي ۽ حڪومتي ترجمانن جي اجلاس دوران خطاب ڪندي وزير اعظم چيو ته سياسي پارٽين جي اڳواڻن جون ملاقاتون جمهوريت جو حسن آهن.

عمران خان چيو ته متحده ۽ نون ليگ اڳواڻن جي ملاقات سان اسان جي حڪومت کي ڪو خطرو نه آهي، ايم ڪيو ايم موجوده حڪومت جي اتحادي آهي.

وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس دوران پارٽي ۽ حڪومتي ترجمانن کي پي ايس ڊي پي منصوبن تي بريفنگ ڏني وئي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*