سموري دنيا ۾ ڪرونا وائرس جا هاڃا جاري

ڪرونا وائرس تي ڪنٽرول ڪرڻ جون ڪوششون ڪامياب ٿي نه رهيون آهن،دنيا ۾ ڪرونا وائرس جي متاثرن جو تعداد وڌي 98 هزار 424 ٿي ويو آهي.جڏهن ته فوتين جو تعداد 3 هزار 386 ٿي ويو آهي.هينئر تائين ڪرونا وائرس جي متاثرن جي علاج دوران 55 هزار 636 مريض صحتياب ٿي گهرن ۾ پهچي ويا آهن.

رپورٽن مطابق چين جيڪو ڪرونا وائرس کان سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي،اتي وڌيڪ 30 شهري فوت ٿي ويا آهن ۽ فوتين جو تعداد وڌي 3 هزار 42 ٿي ويو آهي.

چين ۾ ڪرونا وائرس جا 43 نوان ڪيس سامهون آيا آهن، پر اڳ جي ڀيٽ ۾ هاڻ وائرس جو زور ٽٽي ويو آهي.

چين ۾ هينئر تائين ڪرونا وائرس جي متاثرن جو تعداد 80 هزار 552 ٿي ويو آهي.

آمريڪا ۾ ڪرونا وائرس سبب وڌيڪ هڪ شهري جي فوت ٿيڻ تي ٽوٽل انگ 13 ٿي ويو آهي.

آمريڪا ۾ ٽوٽل متاثرن جو انگ وڌي 226 ٿي ويو آهي.آمريڪا ۾ پنج نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن.آمريڪي حڪومت ڪرونا وائرس جي خاتمي لاءِ 8 ارب ڊالرن جي رقم مختص ڪئي آهي.

اٽلي ۾ فوتين جو تعداد 148 ٿي ويو آهي،جڏهن ته متاثرن ۾ 3 هزار 858 ٿي ويو آهي.

ايران ۾ فوتين جو تعداد 108 ٿي ويو آهي، جڏهن ته متاثرن جو تعداد 3 هزار 513 ٿي ويو آهي.

رپورٽن مطابق متاثر ملڪن جو تعداد وڌي 90 ٿي ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*