اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عورت مارچ روڪرائڻ بابت درخواست وارو فيصلو محفوظ ڪري ورتو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عورت مارچ روڪرائڻ واري درخواست ٻڌڻ جوڳي هئڻ يا نه هئڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو، چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو ته عورتن گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس ۾ واضح ڪيو آهي ته هو اسلام ۾ ڏنل حق گهري رهيون آهن ۽ انهن  سلوگنز جي به وضاحت ڪري ڇڏي آهي.

عورت مارچ کي روڪڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته  عورتون انهن حقن بابت آواز اٿاري رهيون آهن، جيڪي کين نٿا ڏنا وڃن.

هن چيو ته  اڄ به اسان جي معاشري ۾ نياڻي جي پئدا ٿيڻ تي خوشي نٿي ڪئي وڃي.

درخواست گذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اسان عورت مارچ جي خلاف ناهيون،انهن جي پلي ڪارڊز ۽ سلوگن جي خلاف آهيون،جيڪي اسلامي تعليم جي خلاف آهن.

چيف جسٽس معلوم ڪيو ته توهان ريڪارڊ تي ڇا رکيو آهي، جيڪي اسلامي تعليم جي خلاف آهي.ڇا اسان عورتن جي سلوگنز جي پنهنجي ليکي تشريح ڪري سگهون ٿا؟

چيف جسٽس چيو ته سڀني کان پهريان جنهن اسلام قبول ڪيو اها عورت هئي.عورت مارچ ته اڃان ٿيڻو آهي،توهان جي درخواست وقت کان اڳ جي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*