عوام ٻن خاندانن جي موروثي سياست کان بيزار آهي: فردوس عاشق اعواڻ

سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته شاهد خاقان عباسي جي ماضي ۾ عوام جا مسئلا حل نه ڪري سگهڻ واري بيان کي اعتراف جرم قرار ڏنو آهي،ٽن ڏهاڪن کان مڙهيل اڄ قوم جي سامهون پنهنجي ناڪامي کي قبول ڪري رهيا آهن.

ٽوئيٽ ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پاڪستان جو  عوام عمران خان کي وزيراعظم چونڊي نئون رستو ڳولي چڪو آهي.

هن چيو ته  عوام ٻن خاندانن جي مورثي ۽ سياسي ماڊل کان بيزار آهي،عوام نٿو چاهي ته اهي ٻيهر انهن مٿان مڙهيا وڃن.

هن چيو ته اڄ جمهوريت جون ڳالهيون ڪندڙ پنهنجي دور ۾ آئيني ترميم ڪري بادشاهه سلامت بنجڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا.

هن شريف ڀائرن تي تنقيد ڪندي چيو ته انهن جي جمهوريت اها هئي ته وڏو ڀاءَ وزيراعظم ۽ ننڍو ڀاءَ وڏو وزير هو،ڀائيٽو سڀ کان وڏي صوبي جو مختيار اعلي ۽ پٽ کي سپر وزيراعظم جو درجو ڏنو ويو.

هن چيو ته وزير اعظم سڀاڻي ڪراچي پهچي ڪري عوامي منصوبن جو افتتاح ڪندو ۽ شهر جي مسئلن جي حل لاءِ اوليتن جو جائزو وٺندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*