وڏو وزير مراد علي شاهه پاڻي ورڇ معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ ڪوئيٽا پهچي ويو

وڏو وزير مراد علي شاهه پاڻي ورڇ واري معاملي تي ڳالهائڻ لاءِ ڪوئيٽا پهچي ويو،وڏي وزير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان کي ضرورت مطابق پاڻي ملڻ گهرجي، ضرورت مطابق پاڻي نه مليو ته ٻئي صوبا اڃارا رهجي ويندا.

ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته 1991جي ٺاهه تحت پاڻي جي ورڇ نه ٿيندي ته مسئلو حل نه ٿيندو.

هن چيو ته وزيراعظم به پاڻي جي ورڇ 1991 جي ٺاهه تحت ڪرڻ تي اتفاق ڪري چڪو آهي.

وڏي وزير چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان کي ضرورت مطابق پاڻي ملڻ گهرجي،پاڻي ٺاهه تي عمل ڪرڻ سان سنڌ ۽ بلوچستان جو پاڻي جو مسئلو حل ٿي ويندو.

هڪ سوال جي جواب ۾ مراد علي شاهه چيو ته بلاول ڀٽو زرداري عوام سان گڏ بيٺل آهي،هاڻ هو پنجاب ۾ موجود آهي.

وڏي وزير چيو ته پنجاب ۾ پنج آءِ جيز تبديل ٿي چڪا آهن،هي صوبي جو حق آهي ته اهو پنهنجا آفيسر مقرر ڪرائي.

هن واضح ڪيو ته سنڌ ۾ اپوزيشن کان پڇي ڪري آفيسر نه لڳائينداسين.

هن چيو ته پارٽي جي پليٽ فارم تان بلوچستان جي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*