قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پارليامينٽ ۾ بلاول ڀٽو زرداري جو چيمبر خالي ڪرائي ڇڏيو

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پارليامينٽ ۾ بلاول ڀٽو زرداري جو چيمبر خالي ڪرائي ڇڏيو،اسپيڪر چيمبر خالي ڪرڻ لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته بلاول جو چيمبر  ڪامرس جي صلاحڪار عبدالرزاق دائود کي الاٽ ڪيو ويو آهي.

 واضح رهي ته  مخالف ڌر جي اڳواڻ شهبازشريف ،بلاول ڀٽو زرداري کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين جو چيمبر ڏنو هو،.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ، پ پ اڳواڻ نويد قمر جي آفيس به واپس وٺي ڇڏي آهي.

پارليامينٽ جي اسٽاف کي به بلاول جو چيمبر خالي ڪرائڻ بابت آگاهه ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*