حيدرآباد ۾ پوليس ڪارروائي ڪري پاڻ کي حساس اداري جو آفيسر سڏرائيندڙ جعلساز گرفتار

حيدرآباد ۾ پوليس ڪارروائي ڪري  پاڻ کي حساس اداري جو آفيسر سڏرائيندڙ جعلساز گرفتار ڪري سندس قبضي مان پوليس ۽ حساس ادارن جا جعلي ڪارڊ ۽ ٺپا هٿ ڪري ورتا آهن.

هٽڙي پوليس ڪارروائي ڪري پاڻ کي حساس اداري جو آفيسر سڏرائيندڙ جعلساز کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پوليس موجب جوابدار  عاشق حسين کي گرفتاريءَ بعد هٽڙي ٿاڻي تي منتقل ڪيو ويو آهي، جوابدار جي قبضي مان پوليس ۽ حساس ادارن جا جعلي ڪارڊ ۽ ٺپا هٿ ڪيا ويا آهن.

 پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار پاڻ کي حساس اداري جو عملدار سڏائي ماڻهن کان ڪم ڪرائڻ بهاني فراد ذريعي پئسا وٺندو هو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*