دادو ۾ هڪ ڪنوار جا 2 مڙس ظاهر

دادو ۾ شادي تقريب دوران سئوٽن ۽ ماساتن وچ ۾ جهيڙي دوران 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، اطلاع تي پوليس پهچي هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.

غريب آباد پاڙي ۾ کوکر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، لٺين ۽ ڪهاڙين جي آزاداڻي  استعمال کانپوءِ فائرنگ ڪئي وئي جنهن کانپوءِ ڄاڃين ۾ ڀاڄ پئجي وئي.

لٺيون ۽ گوليون لڳڻ ڪري عبدالخالق کوکر، عبدالمجيد، محمد مٺل ۽ منور کوکر زخمي ٿي پيا جن کي سول اسپتال آندو ويو.

زخمي ٿيل عبدالخالق کوکر ۽ عبدالمجيد کوکر ٻڌايو ته سندن ڀيڻ جو رشتو ڏاوڇن سان طئي ٿيو هو  ۽ اڄ ونواهه جي تقريب جاري هئي ته سپاهي علي حسن، ذوالفقار ۽ بشير کوکر وارن حملو ڪيو.

گرفتار سپاهي علي کوکر جو چوڻ هو ته کيس جهيڙي بابت ڪا به ڄاڻ نه آهي، مٿس ڪوڙا الزام لڳايا ويا آهن….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*