ڪرونا وائرس تي ڪنٽرول نه ٿي سگهيو

ڪرونا وائرس تي ڪنٽرول نه ٿيڻ کانپوءِ دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ وائرس سبب قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي

هينئر تائين دنيا ۾ هڪ لک 2 هزار 226 ماڻهو ڪرونا وائرس جو شڪار ٿي چڪا آهن.

دنيا جي  97 ملڪن ۾ پکڙيل وائرس 3 هزار 497 حياتيون کسي ورتيون آهن.

رپورٽس مطابق چين ۾ وڌيڪ 28 ڄڻا فوت ٿي ويا، 99 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد متاثرن جو انگ وڌي 80 هزار 651 ٿي ويو.

ڪرونا وائرس سبب ڏکڻ ڪوريا ۾ به وڌيڪ هڪ حياتي ضايع ٿي وئي، جنهن بعد  فوتين جو انگ 44 ٿي ويو.

ڏکڻ ڪوريا ۾ ڪرونا جا  174 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن.جڏهن ته افغانستان ۾ وڌيڪ 3 متاثر ظاهر ٿيا آهن.

رپورٽس مطابق اٽلي ۾ 197، ايران ۾ 124، آمريڪا ۾ 17، فرانس ۾ 9، اسپين ۾ 8، جاپان ۾ 6، عراق ۾ 4 ۽ برطانيا ۾ 2 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

پاڪستان ۾ ڪرونا وائرس جي روڪٿام لاءِ چين ۽ افغانستان سان لڳندڙ سرحدون هينئر به بند آهن.

 صحت بابت وزيراعظم جي خصوصي معاون ظفر مرزا چيو آهي ته پاڪستان ۾ڪرونا وائرس جا 6 مريض آهن سڀني ايران جو سفر ڪيو هو.

هن چيو ته ڪرونا جي وائرس کان متاثر ماڻهن کي وڏي محنت سان ٽريس ڪيو ويو، جنهن جو ڪريڊٽ سنڌ سرڪار ڏانهن وڃي ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*