وفاقي وزير فواد چوڌري هلندڙ مهيني مهانگائي ۾ گهٽتائي جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

وفاقي وزير فواد چوڌري هلندڙ مهيني مارچ ۾ مهانگائي ۾ وڌيڪ گهٽتائي جي  اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي

سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي فواد چوڌري چيو ته مهانگائي جي رفتار ۾ لاڳاتار ٻئي مهيني به گهٽتائي نوٽ ڪئي وئي آهي

هن چيو ته مارچ ۾ مهانگائي ۾ وڌيڪ گهٽتائي اچي ويندي

وفاقي وزير چيو ته حڪومتي قدمن   ۽ عالمي سطح تي تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي سبب مهانگائي جو جن بوتل بند ٿيندي نظر اچي رهيو آهي

واضح رهي ته هينئر تائين رڳو تيل جي قيمتن ۾ پنج رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي،جڏهن ته عام واهپي جون شيون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*