وزيراعظم عمران خان ڪراچي جو اڄوڪو رٿيل دورو خراب موسم جي ڪري ملتوي ڪيو: فردوس عاشق اعواڻ

وزيراعظم عمران خان ڪراچي جو اڄوڪو دورو موسم جي خرابي سبب ملتوي ڪري ڇڏيو، سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزير اعظم جي نمائندگي ڪندي سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل منصوبن جو افتتاح ڪندو.

سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪراچي،پاڪستان جو معاشي مرڪز آهي، وزيراعظم ان کي دنيا جو جديد شهر بڻائڻ گهري ٿو.

واضح رهي ته اڄ وزير اعظم عمران خان کي هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي اچي اهم منصوبن جو افتتاح ڪرڻو هو، جن ۾ سخي حسن فلاءِ اوور، فائيو اسٽار فلاءِ اوور، ڪي جي فلاءِ اوور، نشتر روڊ ۽ منگھو پير روڊن جي بحالي وارا منصوبا شامل آهن.

وزيراعظم جي صدارت ھيٺ گورنر ھائوس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس  به رٿيل ھو، ڪراچي ۾ اتحادين سان ملاقاتون به ڪرڻيون هيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*