ڪوشش آهي ته وچ مدي واريون چونڊون هلندڙ سال دوران ٿين: راڻا ثناءُ الله

ن ليگ جي سينئر اڳواڻ  راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته  ڪوشش آهي ته وچولي مدي واريون چونڊون هلندڙ سال  دوران ٿين،نااهل حڪمرانن مهانگائي کان سواءِ  عوام کي ڪجهه به نه ڏنو.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُالله چيو ته شهباز شريف هلندڙ مهيني جي آخر ۾ ڏيهه ورندو.

هن چيو ته شهباز شريف واپس اچي مخالف ڌر جي اڳواڻ جو ڪردار ادا ڪندو،عورتن جو مارچ ٿيڻ گهرجي، اسان ان جي حق ۾ آهيون.

راڻا ثناءُ الله چيو ته اسلام عورتن کي حق ڏنا آهن، اسان انهن جا حامي آهيون.

هن چيو ته منشيات فروشن کي منهن جي خلاف بيان ڏيڻ تي مجبور ڪيو ويو.

ن ليگ جي سينئر اڳواڻ چيو ته اسان کي رڪارڊ ڪيل بيان جي ڪاپي به فراهم نه ڪئي وئي،حڪومت کي مهانگائي جو فڪر ناهي، ماڻهن جا چلها اجهامي ويا.

ان کان اڳ لاهور جي  اينٽي نارڪوٽس ڪورٽ ۾ راڻا ثناءُ الله جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي،اڄ راڻا تي فرد جرم لاڳو ٿيڻو هو،پر عدالت 28 مارچ تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

راڻا ثناءُ الله جي وڪيل جو چوڻ هو ته هينئر تائين کين ڪيس جي ڪاپي فراهم نه ڪئي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*