ڪي ٽي اين نيوز جي رپورٽر عزيز ميمڻ جو خون رائيگان ٿيڻ نه ڏنو ويندو: وڏو وزير

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪي ٽي اين نيوز جي رپورٽر عزيز ميمڻ جو خون رائيگان ٿيڻ نه ڏنو ويندو، ڪيس جي جاچ لاءِ صحافي جي  وارثن جي مرضي موجب جي آءِ ٽي جوڙي وئي آهي، صحافي برادري کي اپيل آهي ته جي آءِ ٽي رپورٽ اچڻ تائين  ڪا به تڪراري ڳالهه نه ڪئي وڃي.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته پيپلزپارٽي هميشه صحافت جي آزادي ۽ قلم جي عزت ڪئي آهي.

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*