لاڙڪاڻو ويجهو دعوت تقريب دوران زهريلو کاڌو کائڻ سبب 70 ڄڻا بيهوش

لاڙڪاڻي ويجهو هڪ تقريب دوران زهريلو کاڌو کائڻ سبب 70 ڄڻا بيهوش ٿي ويا، صوبائي صلاحڪار نثار کهڙو واقعي جو نوٽيس وٺندي سنڌ فوڊ اٿارٽي کي کاڌو تيار ڪندڙ خلاف ڪارروائي ۽ چانڊڪا اسپتال جي ايم ايس کي مريضن کي علاج جون بهتر سهولتون ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.

لاڙڪاڻي جي ڳوٺ رحيم بخش ٻگهيو ۾ طهر جي تقريب دوران زهريلو کاڌو کائڻ سبب ٻارڙن ۽ عورتن سميت 70ڄڻا بيهوش ٿي ويا، جن کي وارث چانڊڪا اسپتال کڻائي آيا.

بيهوش ٿيلن کي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وارثن پاران ڊاڪٽرن ۽ عملي سان گڏ ٻين سهولتن جي کوٽ جون شڪايتون ڪيون پيون وڃن.

بيهوش ٿيلن ۾ ٻارڙي فوزيا، ٻارڙي آصفه، ٻارڙي نظيران، ٻارڙو حسيب ۽ صنم خاتون، باشاهه زادي، حسيب خاتون، ضمير، رياض، سجاد، حسين، غلام مصطفيٰ، علي رضا، عادل شامل آهن.

صوبائي صلاحڪار نثار کهڙو واقعي جو نوٽيس وٺندي سنڌ فوڊ ٿارٽي کي تيار ڪيل کاڌن جا سيمپل ٽيسٽ ڪري ڪارروائي غيرمعياري کاڌو تيار ڪندڙ خلاف ڪارروائي ۽ چانڊڪا اسپتال جي ايم ايس کي مريضن جو بهتر نموني علاج ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*