ڪراچي جي صفوران ڳوٺ ويجهو موٽرسائيڪل سوار دهشتگردن آغاخاني ڪميونٽي جي بس اندر گهڙي فائرنگ ڪري 45 ڄڻن کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو جڏهن ته 8 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا

ڪراچي جي اسڪيم 33 غازي ڳوٺ کان عائشه منزل ويندڙ الاظهر گارڊن جي بس اندر داخل ٿي  دهشتگردن مسافرن مٿان  انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 20 کان وڌيڪ ماڻهو ٿڏي تي ئي مارجي ويا ۽ 50 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.

لاشن ۽ زخمين کي پهرين ميمڻ ميڊيڪل سينٽر پهچايو ويو، جتي وڌيڪ 25 ڄڻن دم ڏنو، جنهن بعد مارجي ويلن جو انگ 45 ٿي ويو.

Karachi-Bus-Attack-02

دهشتگردي جي واقعي کان پوءِ سچل ۽ جوهر  ٿاڻن جي پوليس وچ ۾ حدبندي جي تڪرار سبب اهلڪار دير سان پهتا.

پوليس موجب دهشتگردن شهر جي پرامن ڪميونٽي کي نشانو بڻايو، اکين ڏٺن شاهدن موجب هٿياربندن کي پوليس جون ورديون پهريل هيون، جن ويران روڊ تي بس اندر گهڙي فائرنگ ڪئي ۽ وڏي جاني نقصان جي پڪ ٿيڻ کانپوءِ آساني سان فرار ٿي ويا.

اکين ڏٺن شاهدن موجب، 8 هٿياربندن بس اندر داخل ٿي آساني سان فائرنگ ڪئي.

Karachi-Bus-Attack-01

اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ هو ته واقعي واري ڀرپاسي مختلف عمارتن تي مقرر ڪنهن به سڪيورٽي گارڊ مزاحمت نه ڪئي.

اکين ڏٺن شاهدن موجب، صفوران چورنگي جي ڀرپاسي مدينه ڪالوني ۽ افغان ڪئمپ آهي جيڪي نوگو ايرياز آهن جتي پڻ واقعي کان پوءِ ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي.

هڪ اکين ڏٺي شاهد ياسين اڄڻ ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته هٿياربندن بس جي ڊرائيور کي به قتل ڪري ڇڏيو، جنهن بعد اتي بيٺل هڪ عام شخص گاڏيءَ کي ميمڻ اسپتال آندو.

اکين ڏٺي شاهد جو چوڻ هو ته جنهن شخص زخمين کي اسپتال پهچايو پوليس ان کي گرفتاري ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي.

وڏي وزير جي حڪم تي شهر جي سمورين اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.

شهر جي مختلف اسپتالن  ۾ داخل زخمين جي علاج لاءِ رت جو عطيو  ڏيڻ لاءِ سوين ماڻهو پهچي ويا.

مختلف اسپتالن ۾ 45  مقتولن مان 42 جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي، جن جا لاش آغا خان اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.

مارجي ويلن ۾ رجب، پير محمد، شميم شوڪت، ياسمين، انيلا ذوالفقار، عارفه مير علي، ذوالفقار محمد، ثاني، شيراز نور علي، نظر علي، سيد نظر، جاويد دلا، اسميتا سليم، لياقت نور جي، عروشه ذوالفقار، رضوان رحيم، رجب علي، رضوان رحيم، عليشا اڪبر، رحيم ميان جي، نور علي، عبدالوالا، سونيا سلطان، رمضان ولي، نيلم رضوان، امينه نظر، شميم امير، ڪاڪو ڀينجي، زبيده اڪبر، زبيده نظر علي،سلطان قاسم، محسن منصور، سهيل سلطان، شوڪت نظر، امتياز ڪريم، ميزار اڪبر، ناظم شمس الدين، شيرين عبدالميٿان، حنيف اڪبر، صدر الدين ۽ زاهده ولي شامل آهن.

ڊاڪٽرن موجب زخمين ۾ حبيب، شوڪ، ذيشان، روشن، بدالدين ، پنڪي، زهره ۽ حميد ۽ ٻيا زخمي شامل آهن جن جو علاج ڪيو پيو وڃي.

ميمڻ اسپتال جي ترجمان جو چوڻ آهي ته8 زخمين ڪجهه زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

اسپتال ۾ داخل هڪ زخمي عورت ميڊيا کي ٻڌايو ته دهشتگرد بس جي پوئين گيٽ مان داخل ٿيا ۽ کين ائين لڳو هٿياربند ڦر لاءِ گاڏيءَ ۾ چڙهيا آهن.

هن چيو ته دهشتگردن پهرين ڊرائيور کي تشدد جو نشانو بڻايو بعد ۾ کيس گوليون هنيون ويون جنهن کان پوءِ هڪ دهشتگرد چيو ته هاڻ سڀني کي ماريو وڃي.

زخمي عورت ٻڌايو ته بس ۾ سوار ٻن ٻارن کي ڌار ڪري باقي ماڻهن کي گوليون هنيون ويون.

واقعي کان پوءِ علائقي کي ڪڙو چاڙهيو ويو جڏهن ته ڊي جي رينجرز ميجر جنرل بلاول اڪبر ۽ آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي ۾ پهچي ويا.

پوليس، رينجرز ۽ ميڊيا واقعي واري هنڌ تان داعش جون پرچيون پڻ هٿ ڪري ورتيون آهن.

ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر نجيب 45 ڄڻن جي مارجڻ جي تصديق ڪندي چيو ته دهشتگردن شهر جي پرامن ڪميونٽي کي نشانو بڻايو آهي.

ايس ايس پي جو چوڻ هو ته هڪ آغا خاني ڪميونٽي جي بس کي نشانو بڻايو ويو آهي جنهن ۾ 45 ماڻهو مارجي ويا آهن.

واقعي بابت سچل ٿاڻي جي ايس آءِ او جو چوڻ هو ته هٿياربندن هر سيٽ تي فائرنگ ڪئي آهي.

هن چيو ته بس ۾ 60 ماڻهو سوار هئا جيڪي ڪريم آباد جماعت خاني وڃي رهيا هئا.

ايس آءِ او جو چوڻ هو ته واقعي واري هنڌ تان نائن ايم ايم جا خول پڻ مليا آهن.

سندس چوڻ هو ته 6 دهشتگردن مان ٽن ڄڻن کي پوليس جون ورديون پهريل هيون.

ڪراچي سانحي کان پوءِ ڪرائيم سين برانچ يونٽ واقعي واري هنڌ پهچي مختلف شاهديون گڏ ڪيون.

ڪرائيم سين انويسٽيگيشن آفيسر طارق محمود جو چوڻ آهي ته دهشتگردن نائن ايم ايم، ايس ايم جي ۽ ٻين هٿيارن سان فائرنگ ڪئي، معائني کان پوءِ پتو پوي ٿو ته بس کي ٻاهران نه پر اندران نشانو بڻايو ويو آهي.

هوڏانهن  تحفظ عزاداري ڪائونسل پاڪستان ۽ مجلس وحدت المسلمين پاران واقعي جي مذمت ڪندي سڀاڻي سڄي ملڪ ۾ سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*