وزيراعظم عمران خان جلد اٽي ۽ کنڊ جو بحران پيدا ڪندڙن کي وائکو ڪندو: شيخ رشيد

ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پيپلز پارٽي جيترو به زور لڳائي، پنجاب ۾ ان جي دال نه ڳرندي،بلاول ڀٽو زرداري جي بيانن کي ڪير به سنجينده نٿو وٺي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس  کي خطاب ڪندي شيخ رشيد چيو ته سڀاڻي شايد بلاول عورت مارچ جي قيادت ڪندو.

هن چيو ته هو نيب کي وڌ کان وڌ مضبوط ڏسڻ گهري ٿو،نيب وٽ به سٺا ۽ سنيئر وڪيل هجڻ گهرجن.

شيخ رشيد چيو ته جوابدار مهانگا مهانگا وڪيل ڪري وٺن ٿا،جڏهن ته حڪومت ۾ ڪابه تبديلي  نه اچي رهي آهي.

ريلوي جي وزير شهبازشريف کي تنقيد جو  نشانو بڻائيندي چيو ته منهنجو دوست نوان نوان هيٽ پائي رهيو آهي،خبر ناهي ته شهباز شريف  ڪٿان اهڙا هيٽ وٺي ٿو.

شيخ رشيد چيو ته وزيراعظم جلد اٽي ۽ کنڊ جي بحران پئدا ڪندڙن کي وائکو ڪندو،شاهد خاقان جيڪو چاهي چئي، ايل اين جي تي فيصلو اچڻ وارو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*