سنڌ جي تعليم کاتي پاران 20 کان 20 جولاءِ تائين اونهاري جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو

سنڌ جي تعليم کاتي پاران اسڪولن ۾ اونهاري جون موڪلون 20 مئي کان 20 جولاءِ تائين ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، نائين ۽ ڏهين جا امتحان 16 مارچ کان  شروع ٿيندا.

 تعليم واري وزير سعيد غني جي صدارت هيٺ سنڌ سيڪريٽريٽ اهم اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ ۾ اونهاري جون موڪلون 20 مئي کان 20 جولاءِ تائين ڪرڻ، اسڪولن ۾ تعليمي سال پهرين اپريل ۽ ڪاليجز ۾ پهرين آگسٽ کان شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

اجلاس ۾ نائين ۽ ڏهين جا امتحان 16 مارچ کان  شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ميٽرڪ جي امتحانن جا نتيجا 30 جون تي جاري ڪيا ويندا.

اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سرڪاري ۽ نجي اسڪولز ۾ 9 مارچ کان عملو اچڻ شروع ٿيندو، اسڪول انتظاميا بورڊ مان ايڊمٽ ڪارڊ حاصل ڪري پاڻ وٽ رکندا ۽ شاگردن حوالي ڪندا.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سرڪاري ۽ نجي اسڪولز ۾ پڙهائي جو عمل  13 مارچ کان شروع ٿيندو.

 

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*