وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿيندو

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿيندو،اجلاس ۾ توانائي وزارت پاران بجلي جي اگهن ۾ اضافي بابت ڪابينا کي بريفنگ ڏني ويندي.

اسلام آباد ۾ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ 11 نقاطي ايجنڊا جي منظوري ڏني ويندي.

ڪابينا جي اجلاس ۾ ڀارت مان ڪيڙا مار دوائون گهرائڻ جي درخواست تي به غور ڪيو ويندو.

وزيراعظم جو پرنسپل سيڪريٽري ،حڪومت جي خاص قدمن جي حوالي سان بريفنگ ڏيندو، جڏهن ته ڪابينا حفاظتي اوزارن جي امپورٽ تي پابندي جي منظوري ڏيندي.

اجلاس ۾ اِي سي پي جي چيئرمين جي مقرري جي منظوري به شامل آهي.

اجلاس ۾ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جي جنرل مينيجر ايڊمن جي پاڪ فوج مان مقرري جي به منظوري ڏني ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*