ڪرونا وائرس سموري دنيا ۾ حياتيون ڳڙڪائڻ لڳو

ڪراچي ۾ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 9 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد سنڌ ۾ متاثرن جو انگ 13 ۽ ملڪ ۾ مجموعي طور  16 ٿي ويو، سنڌ جي صحت کاتي قطر، شام ۽ لنڊن جو سفر ڪري موٽندڙ 8 ڄڻن سميت 9 شهرين کي وائرس هئڻ جي تصديق ڪئي، سنڌ جي سُڌ سماءَ واري وزير ناصر شاهه چيو آهي ته ڪرونا جا مريض رڳو ڪراچي ۾ هئڻ وارو تاثر درست ناهي، سنڌ حڪومت وائرس کي سنجيدگي سان ورتو آهي ۽ سمورن متاثرن جي چڪاس ڪئي آهي، تنهڪري صوبي ۾ وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿيا آهن، سعيد غني چيو آهي ته اسان ڪرونا وائرس جا انگ اکر نٿا لڪايون، ٻيا صوبا جيڪي قدم کڻن ٿا، اهي به سامهون اچڻ گهرجن….

ڪرونا وائرس جي خدشي سبب پاڪ-افغان چمن بارڊر وڌيڪ 7 ڏينهن لاءِ بند، گهرو وزارت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، تافتان وٽ پاڪ-ايران سرحد تي واپس ايندڙ زائرين جي اسڪريننگ وارو عمل جاري، زائرين کي پاڪستان هائوس ۽ پاڪ فوج پاران قائم ڪيل آئسوليشن وارڊز ۾ رکيو پيو وڃي…….

خطرناڪ ڪرونا وائرس دنيا جي 115 ملڪن تائين پکڙجي ويو، چين ۾ وڌيڪ 17، ڏکڻ ڪوريا ۽ آمريڪا ۾ هڪ هڪ شهري فوت، اٽلي ۾ 463 فوتگين بعد لاڪ ڊائون، 6 ڪروڙ ماڻهن جي چرپر تي پابندي لاڳو، سينيمائون ۽ ٿيٽرز بند، شادين ۽ تدفين جا اجتماع به نه ٿيندا، فرانس ۾ 30، اسپين ۾ 28 ۽ برطانيا ۾ وڌيڪ 5 ڄڻا فوت، جاپان، ايران ۽ عراق ۾ به فوتگيون، دنيا ۾ ڪرونا وائرس سبب فوت ٿيلن جو انگ 4 هزار 27 ٿي ويو، هڪ لک 14 هزار،422 ماڻهو متاثر…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*