دڙو ويجهو پرائمري استاد پراسرار نموني فوت

دڙو ويجهو پرائمري استاد پراسرار نموني فوت ٿي ويو، وارثن شڪ ظاهر ڪيو آهي ته نوجوان کي ڪرونا وائرس  هو

ڳوٺ ڊاڪٽر گل حسن سومرو ۾ 38 ورهين جو نوجوان پرائمري استاد لطيف سومرو ٻن ڏينهن اندر پراسرار نموني فوت ٿي ويو.

ان سلسلي ۾ فوتي نوجوان جي سئوٽ ۽ تعلقي اسپتال جي اڳوڻي سينيئر ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر گل حسن سومري ٻڌايو ته فوتي لطيف سومرو صحتمند هو ۽ کيس 2 ڏينهن اڳ زڪام ۽ بخار ٿيو، هو ساهه جي تڪليف جي به دانهن ڪري رهيو هو.

هـُن ٻڌايو ته نوجوان لطيف کي نڪ مان رت اچي رهيو هو، اسان کي خدشو آهي ته نوجوان ڪرونا وائرس سبب فوت ٿي ويو آهي، صحت کاتو تڪڙا قدم کڻي.

نوجوان جي فوت ٿيڻ کانپوءِ علائقي ۾ خوف واري صورتحال ڇائنجي وئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*